گڏيل قومون-03 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي انسا??ي حقن جي ماهرن چيو آهي ته غزه ۾ نسل ڪشي ۽ انساني تباهي کي روڪڻ جو وقت ختم ٿيندو پيو وڃي. برطانوي اخبار موجب گڏيل قومن جي والاريل فلسطيني علائقن لاءِ خصوصي نمائندي سميت انسا??ي حقن جي ماهرن جي هڪ گروپ گذريل ڏينهن هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته اسان کي يقين آهي ته فسلطيني عوام نسل ڪشي جي سنگين خطري جي ور چڙهيل آهي. بيان ۾ چيو وي?? ته هاڻي ڪارروائي جو وقت آهي، اسرائيل جي اتحادين تي به ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ۽ کين ان جي تباهي آڻيندڙ قدمن کي روڪڻ لاءِ فوري طور تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ماهرن خوراڪ، پاڻي، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي سخت ضرورت ۽ صحت کي درپيش خطرن بابت خبردار ڪندي چيو ته غزه جي صورتحال هڪ تباهي آڻيندڙ موڙ تي پهچي چڪي آهي، انسا??ي حقن واري ڪائونسل طرفان گڏيل قومن جي خصوصي نمائندن کي بنا معاوضي ۽ آزاد ماڻهن جي ذميواري سونپي وئي آهي، اهي ماهر گڏيل قومن طرفان ڳالهيون نٿا ڪن پر ڪائونسل جي فيڪٽ فائنڊنگ ۽ مانيٽرنگ ميڪنزم جي حصي طور پنهنجي نتيجن کي ڪائونسل کي رپورٽ ڪندا آهن، غزه جي صورتحال تي رپورٽ تي 1967ع کان والاريل فلسطيني علائقي ۾ انسا??ي حقن جي صورتحال تي خصوصي نمائندي فرانسسڪا البانيز به صحيحون ڪيون، ٻين صحيحن ڪندڙن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، کاڌي، جسماني ۽ ذهني صحت، مقامي بي ??هر ماڻهن ۽ اظهار راءِ جي آزادي سميت نسل پرستي تي خصوصي نمائندا شامل هئا. ماهرن مطالبو ڪيو ته ڌرين کي عالمي انساني ۽ انسا??ي حقن جي قانون تحت پنهنجي ذميوارين تي عمل ڪرڻو پوندو، بيان ۾ چيو وي?? ته اسان انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪريون ٿا ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته امداد انهن ماڻهن تائين پهچي جنهن کي ان جي سڀني کان وڌيڪ ضرورت آهي.
غزه ۾ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ وقت ختم ٿيندو پيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔