والاريل بيت المقدس-27 ڊسمبر (اي پي پي) اسرائ?ائ??_جوا/104962.html">يلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو غزه مان فلسطينين جي رضاڪاراڻي لڏپلاڻ جي منصوبي تي ڪم ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آه??. اسرائ?ائ??_جوا/104962.html">يلي اخبار يروشلم پوسٽ جي رپورٽ موجب حڪمران ليڪوڊ پارٽي جي ميمبر ڪينسٽ جي هڪ بند پارلياماني اجلاس دوران وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته هو غزه مان فسلطينين جي رضاڪاراڻي لڏپلاڻ جي منصوبي جي تياري تي ڪم ڪري رهيو آه??، هن چيو ته ان منصوبي جي راهه ۾ رڪاوٽ اهي ملڪ آه?? جيڪي فلسطينين کي پناهه ڏئي سگهن ٿا، تنهن هوندي به اسرائيل ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ ڪم ڪري رهيو آه??. نيتن ياهو جي قيادت ۾ ليڪوڊ پارٽي جي هڪ ميمبر ڪينسٽ ڊيني ڊينن چيو ته دنيا پهرين ئي ان معاملي تي ڳالهه ڪري رهي آه??، ڪينيڊا جي اميگريشن واري وزير مارڪ ملر انهن معاملن جي باري ۾ عوامي سطح تي ڳالهه ڪئي جڏهن ته آمريڪي صدارتي اميدوار ۽ اڳوڻي سفارتڪار نڪي ه?ائ??_جوا/104962.html">يلي به ان امڪان کي رد نه ڪيو. هن چيو ته اسان کي اسرائيل ۾ هڪ ٽيم ٺاهڻي پوندي جيڪا ان معاملي کي ڏسي، اسان ڏسڻ چاهيون ٿا ته غزه مان پنهنجي مرضي سان فلسطيني علائقو ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آه?? ته اسان انن جي ڪيئن مدد ڪري سگهون ٿا، هن جو چوڻ هو ته جنگ جي خاتمي کانپوءِ انهن جي اسٽريٽجڪ اهميت سبب ان معاملي کي منظم ڪرڻ گهرجي.
اسرائيلي وزيراعظم پاران غزه مان فلسطينين جي رضاڪاراڻي لڏپلاڻ جي منصوبي جو اعتراف
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل