دوحه- 13 فيبروري (اي پي پي) فلسطين جي صدر محمود عباس ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني غزه جي پٽي ۽ ٻين ??الاريل فلسطيني علائقن جي تازي ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. اردو نيوز مطابق دوحه ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غ??ه ۾ فوري جنگ بندي جي غرض سان ٿيندڙ معاهدي لاءِ جاري ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن سان فلسطين ??سئلو جو هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل جي راهه هموار ٿي سگهي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تشدد ۾ اضافي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفا لاڳاپن ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي طريقي جو جائزو ورتو. شيخ تميم فلسطيني جدوجهد لاءِ قطر جي غير متزلزل حمايت ۽ فلسطيني عوام سان ان جي صحيح قومي امنگن جي حص??ل جي ڪوششن ۾ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته قطر جي عو??م غ??ه ۾ جاري جنگ کي روڪڻ ۽ اولهندي ڪناري ۾ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي غرض سان سفار??ي ۽ ثالثي جي ڪوششن لاءِ پرعزم آهي.
فلسطيني صدر جي قطر جي امير سان ملاقات، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج