بنڪاڪ-22 مارچ (اي پي پي) عالمي تنظيمن ۽ سڄي دنيا جي ملڪن هانگ ڪانگ طرفان قومي سلامتي جي نئين قانون جي حتمي منظوري تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. جاپاني ??ابرو اداري موجب هانگ ڪانگ جي قانونساز ڪائونسل متفقه طور تي قومي سلامتي جو بل منظور ڪيو آهي جنهن تحت رياستي را??ن جي چوري، جاسوسي ۽ پرڏيهي مداخلت سميت، قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ ڪاررواين جي منع ڪندا. گڏيل قومن جي انساني ??قن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس چيو آهي ته قانون ??ي ڪجهه شقن ۾ جهول آهي ۽ اهي اختلاف را??ِ جو اظهار ڪندڙن کانسواءِ صحافين ۽ انساني ??قن جي علمبردارن کي هروڀرو نشانو بڻائي سگهن ٿيون. آفيس چيو ته ان طرح جي اهم قانون کي مڪمل غور ۽ فڪ?? لاءِ گهربل وقت ڏيڻ کانسواءِ تڪڙ ۾ منظور ڪرڻ هانگ ڪانگ ۾ انساني ??قن جي تحفظ ڏانهن ناڪاري قدم آهي. برطانيه جي پرڏيهي وزارت چيو ته هي قانون هانگ ڪانگ جي ماڻهن ۾ پنهنجو آواز دٻائڻ جي ثقافت کي هٿي ڏيندو ۽ اظهار جي آزادي، ميڙاڪي جي حق ۽ ميڊيا جي آزادي تي جاري را??اهن جي عمل کي سگهه ڏيندو. وزارت هانگ ڪانگ جي عملدارن تي زور ڀريو ته هو بنيادي انساني ??قن ۽ آزادين جو احترام ڪن. يورپي يونين چيو ته هي قانون هانگ ڪانگ ۾ يورپي يونين جي شهرين، تنظيمن ۽ ڪمپين کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
هانگ ڪانگ جي قومي سلامتي جي نئين قانون تي عالمي برادري پاران ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن