ماسڪو – 02 مارچ (اي پي پي) روس شا?? ۾ ايراني قونصل خاني تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. شنهوا مطابق روسي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ شا?? جي گادي واري شهر دمشق ۾ ايراني قونصل خاني جي عمارت تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي ان ڪارروائي کي ناقابل قبول قرار ڏنو. وزارت چيو ته سفارتي ۽ قونصلر ٺڪاڻن تي ڪنهن به حملي کي واضح طور تي ناقابل قبول سمجهون ٿا، حملو هڪ گنجان آباد ميٽرو پوليٽن علائقي ۾ ڪيو ويو جنهن جي وڏي پيماني تي شهرين جي فوتگين جو خطرو آهي. واضح رهي ته سومر ڏينهن دمشق ۾ ايراني قونصل خاني جي عمارت تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ هڪ سينئر ايراني ??مانڊر سميت گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا فوت ٿيا، 2011ع ۾ شا?? جي خانه جنگي جي شروعات بعد هتي ايراني سفارتخاني تي اهو پهرين حملو آهي.
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری