گڏيل قومون _ 31 مئي (اي پي پي ) پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيم??لي ۾ اسلامي ملڪن جي نمائندگي ڪندي مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي خدمتن خاص طورتي فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ ۽ بيت المقدس جي تحفظ لاءِ او آئي سي جي ڪوششن تي کيس خ??اج عقيدت پيش ڪيو آهي . گڏيل قومن جي 193 رکني جنرل اسيم??لي روايتي طورتي ڪنهن به ان عالمي اڳواڻ کي خراج تحسين ??يش ڪر?? لاءِ سيٽ جو اهتمام ڪندي آهي ، جيڪو پنهنجي موت جي وقت رياست جي سربراهه جي عهدي تي مقرر هوندو آهي . جنرل اسيم??لي جي ان سيٽ تي پاڪستان جي سفير منير اڪرام چيو ته مرحوم صدر جي قيادت ، دانشمندي ۽ اتفاق رائي جي سياست جي بدولت ، او آئي سي جي ٻين اڳواڻن جي مسلسل حمايت سان تنظيم عالمي امن ، سلامتي ، خوشحالي کي هٿي ڏيڻ سان مربوط ۽ موثر قوت بڻجي وئي آهي . جنرل اسيم??لي ۾ مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪندي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪر?? بعد سندس خ??متن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو پر آمريڪا مرحوم صدر رئيسي تي انساني حقن جي خلاف ورزي جو الزام لڳائيندي ان تقريب جو بائيڪاٽ ڪيو .
پاڪستان طرفان گڏيل قومن ۾ فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي مرحوم ايراني صدر کي خراج عقيدت ، آمريڪا جو تقريب ۾ بائيڪاٽ
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری