ماسڪو-26 جون (اي پي پي)روس جوابي ڪارروائي ڪندي يورپي يونين جي ميمبر ملڪن جي 81 ميڊيا آٽ ليٽس تي پابندي لڳائي ڇڏي،يورپي يونين گذريل مهيني روس جي ڪيترن ئي سرڪاري ادارن تي پابندي لڳائي هئي.27 رڪني يورپي يونين ان کان اڳ مئي ۾ روس جي چئن ميڊيا ادارن تي يوڪرين جنگ بابت پروپيگينڊا ڦهلائڻ سبب نشريات تي پابندي لڳائي هئي.الجزير?? روسي پرڏيهي وزارت جي حو??لي سان ٻڌايوآهي ته هو انهن آئوٽ ليٽس تائين پهچ کي روڪي رهيو آهي جيڪي يوڪرين تي روس جي حملي بابت منظم طريقي سان پ??وپيگينڊا ڦهلائي رهيا آهن،روس خبردار ڪيو ته يورپي يونين جي ميمبرن ملڪن ۾ روسي ميڊيا تي بي بنياد پابندين کي نظر انداز نه ڪيو ويندو، جوابي قدم طور جن ميڊيا آئوٽ ليٽس تي پابندي لڳائي وئي آهي اهي يورپي يونين جي 25 ميمبر ملڪن ۾ شامل آهن.روسي عملدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن روسي ميڊيا تان پ??بنديون ختم ڪيون وينديون ته اهي يورپي آئوٽ ليٽس تان پ??بنديون ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
روس جي جوابي ڪاروائي، يورپي يونين جي ميمبر ملڪن جي 81 ميڊيا آٽ ليٽس تي پابندي لڳائي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : loteria estadual