رياض _ 4 سيپٽمبر (اي پي پي )سعودي ع??ب اسرائيل جي الزامن خلاف مصر جو ساٿ ڏيڻ جي ع??م جو ورجاءِ ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي ع??ب جي پرڏيهي وزير فلاڊيلفيا ڪوريڊور جي حوالي سان اسرائيل جي بيانن ت?? شديد تنقيد ۽ ان جي مذمت ڪئي آهي. سعودي پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو ته اسرائيل طرفان جيڪو ڪجهه چيو ويو آهي اهو عالمي قانونن ۽ اصولن جي جاري اسرائيلي خلاف ورزين کي جواز فراهم ڪرڻ جي فضول ڪوششن کانسواءِ ڪجهه ناهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم جي الزامن جي جواب ۾ اسان مصر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مصر جي حڪومت سان گڏ آهيون. سعودي ع??ب چڙ ڏياريندڙ بيانن جي نتيجي ۾ مصر ، قطر ۽ آمريڪا طرفان غزه ۾ مستقل جنگ بندي لاءِ ڪيل ٽياڪڙي جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ لاءِ ان جي خطري کان پڻ خبردار ڪيو. سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته اسرائيلي دعوى خطي ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ کي وڌائي رهي آهي. پرڏيهي وزارت فلسطيني عوام جي مصيبتن جي خاتمي جي اهميت، 1967ع جي سرحدن ت?? مشتمل فلسطيني رياست جي قيام ۽ اوڀر بيت المقدس کي ان جي گادي وارو هنڌ بڻائڻ جي ع??لمي سطح ??ي ڪوششون ت??ز ڪرڻ تي زور ڀريو.
اسرائيل جي وزيراعظم جي الزامن خلاف مصر جو ساٿ ڏيڻ لاءِ گڏ آهيون: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں