مانسهره ?? 28 ??پريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ??هي ته خيبرپختونخواهه ۾ نئون پاڪستان اسان ٺاهي رهيا آهيون، عوام پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي ٻاهر اڇلائيندو، سازشو?? ڪندڙن کي عوام منهن ڏيندو، اسان نعرا هڻڻ تي نه ڪم تي يقين رکون ٿا. ڍڍيال ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اڄ ڍڍيال ۾ اچي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ان جو هتان جي عوام اندازو نه ٿي ڪري سگهي، عوام جو جوش ۽ جذبو ۽ پراميد چهرو ڏسي ت??ام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته اڄ آئون ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي نڪتو آهيان، جلسن، جلوسن جي مهم تي نه، اڄ هتي ا??له جي فضل ۽ ڪرم سان هڪ تاريخي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ آيو آهيان. وزيراعظم چيو ته مون سدائين چيو ??هي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان پوري پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي ۽ ان جي بهتري جو ۽ بيروزگاري جي خاتمي جي ا??جنڊا رکون ٿا، اسان جي ڌرڻن جي ا??جنڊا نه آهي، اسان ملڪ کي بهترين ملڪ بڻائڻ جي ا??جنڊا رکون ٿا ۽ ملڪ ان طرف گامزن آهي. هن چيو ته مون کي هتي موٽروي ٺهڻ تي ت??ام گهڻي خوشي آهي، برهان کان حويليان تائين موٽروي ت?? پهرين مرحلي ۾ ڪم شروع ڪيو، هاڻي حويليان کان شنڪاري تائين موٽروي شروع ٿي رهي آهي، هي ا?? موٽروي کا?? ڪنهن به طرح گهٽ نه ??هي جيڪا لاهور ۽ اسلام آباد يا پشاور وڃي رهي آهي، اها به ڇهن ڦاڪن واري ??هي ۽ هي به ڇهن ڦاڪن واري آهي.
وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڍڍيال ۾ عوامي ميڙ کي خطاب
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب