برسلز-03 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيريش کي اسرائيل طرف??ن اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏئي ملڪ ۾ داخلا بند ڪرڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي ??هي.پرڏيهي ميڊيا موجب جوزف بوريل ايڪس اڪائونٽ تي هڪ بيان ۾ چيو ته اس??ن ان خلاف ٿيل غير منصفاڻن حملن ۽ گڏيل قومن جي انساني همدردي وارن معاملن سان سلهاڙيل ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ جاني نقصان ٿيڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي وچ اوڀر سميت سمورن تڪراري علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سندس بي پناهه ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارل?? مشيل به سوشل ميڊيا تي چيو ته اسان گڏيل قومن پار??ن امن جي قيام جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : loteria estadual