اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مر??م اورنگزيب چيو آهي ته بدعنواني کان پاڪ ۽ شفاف ۽ آز??داڻيون چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿيل هارس ٽريڊنگ جي جاچ ڪري ۽ ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪندڙن کي سزا ڏي، سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪو تماشو لڳو اهو سڄي قوم ڏٺو آهي، عام چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام انهن کي رد ڪري. سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مر??م اورنگزيب چيو ته ان حوالي سان جاچ ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 جي ذيلي شق 3 اليڪشن ڪميشن کي اهو به اختيار ڏي ٿي ته هو بدعنواني کان پاڪ شفاف ۽ آز??داڻي چونڊن کي يقيني بڻائي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ