ميرانشاهه – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آ??ڻ ڊگهي مدي واري ترقي ۽ خوشحالي جي چاٻي آهي ۽ حڪومت فاٽا جي عوام جي خواهشن موجب ان تي ڪم ڪري رهي آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه اتر وزيرستان ايجنسي جي علائقن ميرانشاهه ۽ غلام خان جو دورو ڪيو. ميرانشاهه پهچڻ تي وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي جن امن ۽ استح??ام جي بحالي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون. وزيراعظم پاڪستان آرمي ا??جنيئرن پاران نئين تعمير ٿيل ميرانشاهه مارڪيٽ ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada