اسلام آباد – 21 – مئي (اي پ?? پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل مفاد ڪنه?? به قسم جي سياست کان مٿي آهن، ٻنهي ملڪن جا پارليامينٽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين – پاڪستان سف??رتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني سف??رتخاني طرفان انعقاد ڪيل آن لائن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته خوشي جي ان موقعي تي ان طرح جي تقريب جي انعقاد تي چيني سف??رتخانو مبارڪباد جو مستحق آهي. سينيٽ چيئرمين چيني صدر شي جن پنگ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ ان موقعي تي دلي پ??غام تي ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته 21 مئي 1951ع پاڪستاني تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، انهي ڏينهن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سف??رتي لاڳاپا قائم ٿيا هئا، پاڪستان سدائين هر طرح جي حالتن ۾ پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيو آهي، هن چيو ته چين سان دوستي سدائين پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي جزو رهيو آهي، چين ۽ پ??ڪستان صرف پاڙيسري ئي نه پر بهترين دوست ملڪ به آهن، پاڪستان ۽ چين جهڙي دوستي جو دنيا ۾ ڪٿي مثال نٿو ملي، هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل مفاد ڪنه?? به قسم جي سياست کان مٿانهون ??هن، پاڪ چين دوستي صديون پراڻي راهدارين، تاريخي ثقافتي لاڳاپن تي مشتمل آهي،
پاڪستان ۽ چين جا گڏيل مفاد ڪنهن به قسم جي سياست کان مٿي آهن: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات