اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري ??فا??ي وزير علي امين گنڊاپور، سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قانونسازي ۽ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاد وسيم وزيراعظم کي حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪورونا وبا جي باوجود م??ڪي اقتصادي ترقي لاءِ اشارن ۾ مثبت تبديلي تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن به م??اقات ڪئي، ملاقات ۾ خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به م??جود هو، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ۾ عطاءُ الله خان، فهيم خان، آفتاب جهانگير، اسلم خان ۽ ڪيپٽن (ر) جميل خان شامل هئا، ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن تي تفصيلي ڳا??هه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ ??فا??ي حڪومت جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري ??فا??ي وزير علي امين گنڊاپور، عامر محمود ڪياني ۽ سيف الله نيازي به م??اقات ڪئي.
وزيراعظم سان علي امين گنڊاپور، سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ اسيمبلي ميمبرن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : رومن دولت