اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪ??تان جاپان سان پن??نجي ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو ڇو ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، ??اڪ??تان ڪاروبار جا زبردست موقعا پيش ڪيا آهن ۽ جاپاني ڪمپنيون معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، آٽوموبائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل، ايس ايم ايز ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڪاروباري دوستاڻي ماحول مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪ??تان ۾ جاپان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪونينوري مستودا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ??اڪ??تان ۽ جاپان جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن مهارت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن جاپان حڪومت جي جي ڊي ايس اسڪالرشپ پروگرام ۾ ??اڪ??تان کي شامل ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي جنهن تحت ??اڪ??تان جي 20 شاگردن کي جاپاني يونيورسٽين ۾ گريجوئيٽ ڪورسز ۾ حصو وٺڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. صدر آڪٽوبر 2019ع ۾ پن??نجي جاپان جي دور جو حوالوڏيندي چيو ته هن جاپان جي قيادت سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن جاپان جي عالمي تعاون ايجنسي (JICA) ۽ جاپاني ڪمپنين جي ڪردار کي به ساراهيو جنهن ??اڪ??تان ۾ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو، جاپاني سفير صدر کي آگاهه ڪيو ته ??اڪ??تان ماهيگيري ۽ زرعي مصنوعات جو وڏو روانگي واپار ڪندڙن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ چانور، کجور، تر، انب، گوار، سيانتا ۽ لُوڻ شامل آهن، هن ٻڌايو ته ٽوياٽا آٽوموبايل ڪمپني ??اڪ??تان ۾ جديد ترين هائبرڊ ڪارن جي تياري لاءِ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي، ان کانسواءِ آٽوپارٽس بڻائڻ جي لاءِ ڪمپنين جي مدد ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته جاپان اوساڪا 2025ع ايڪسپو منعقد ڪندي ?? ايڪسپو ۾ ??اڪ??تان جي شرڪت جي د??خو??ست ڪئي آهي، هن چيو ته سال 2022ع ??اڪ??تان ۽ جاپان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائيندي، اميد آهي ته ٻئي ملڪ مناسب طريقي سان سالگرهه ملهائيندا، صدر سفير کي ??اڪ??تان ۾ پن??نجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪ جاپان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.
پاڪستان جاپان سان پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج