اسلام آباد – 13 ڊسمبر (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيندي ملڪي ترقي ۾ پنهن??و ڪردار ادا ڪن، بلوچس??ان جا شاگرد جديد تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جون مهارتون حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچس??ان ريذيڊنشل ڪاليج، خضدار جي شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر تي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، صدر عارف علوي چيو ته شاگرد پاڻ کي جديد علم ۽ آءِ ٽي مهارت سان ليس ڪري ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا، شاگرد تعليم تي ڌيان ڏئي ملڪي ترقي ۾ پنهن??و ڪردار ادا ڪن، هن چيو ته حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ بلوچس??ان جي ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو، هن چيو ته بلوچس??ان ۾ تعليم جي شعبي جي سهولتن کي ترقي کي ترجيح ڏني پئي وڃي، صدر عارف علوي چيو ته اقتصادي راهداري، گوادر پورٽ جي تڪميل سان روزگار سان گڏ صوبي ۾ خوشحالي ايندي. صدر بلوچس??ان جي مختلف علائقن خضدار ۽ لورالائي ۾ ريذيڊنشل ڪاليج?? جي قيام تي بلوچس??ان حڪومت جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته اهو اميد ڪري ٿو ته ريذيڊنشل ڪاليجز صوبي جي تعليمي ترقي ۾ پنهن??و ڪردار ادا ڪندا.
شاگرد پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيندي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا