اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته عالمي برادري ڀارت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽ??س وٺي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، نئين دهلي جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چي?? ته اهو ٻيو ڀيرو اسان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ٿي آهي، ان کان پهرين ماضي ۾ به 26 فيبروري تي ڀارت جارحيت ڪئي هئي ۽ پاڪستان ان کي مناسب ۽ وقت سر جواب ڏنو. پرڏيهي وزير چي?? ته اسان ان حرڪت کي ڀارت جي ٽيڪنيڪي ناڪامي چئون، جارحيت چئون يا بدنيتي چئون. پاڪستان 2019ع ۾ به مدبراڻو رد عمل ڏنو، هن چي?? ته هندستان جي حرڪت افسوسناڪ آهي، عالمي برادري کي ان حرڪت جو نوٽ??س وٺڻ گهرجي. هن ان حرڪت سان معصوم جانين کي خطري ۾ وڌو آهي ايوي ايشن اٿارٽيز کي ان جو نوٽ??س وٺڻ گهرجي. سعودي ايئر لائين جو جهاز، قطر ۽ پاڪستان جون ڊوميسٽڪ اڏامون نشانو بڻجي سگهيون ٿي ۽ معصوم ماڻهو نشانو بڻجي سگهيا ٿي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته پي 5 ملڪن جي نمائندن کي پرڏيهي وزارت ۾ دعوت ڏئي، کين سڄي صورتحال کان آگاهه ڪريون، هن چي?? ته اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري ان جو نوٽ??س وٺندي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، هندستان جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چ??و ته اسان جارحيت جا قائل نه آهيون، پر دفاع اسان ڪالهه به ڪيو هو ۽ آئنده ??ه ڪنداسين. اڀينندن جي چانهه اڃان ٿڌي ناهي ٿي لڳي ٿو ته کيس ٻيهر ضرورت ٿي رهي آهي، پرڏيهي وزير چي?? ته هندستان جو رويو انتهائي غير ذميداراڻو آهي، هندستان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ڀارت 26 فيبروري 2019ع تي جارحيت ڪئي، حقيقتون سڀني جي سامهون اچي ويون، پر دنيا مصلحتن خاموش رهي، هن چي?? ته اسان هندستان طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي جا ٺوس ثبوت هڪ ڊوزيئر جي ذريعي عالمي برادري جي سامهون رکيا، اسان ڀارت جو اصلي چ??رو دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو، مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و ته اسان جارحيت جا حامي نه آهيون، اسان هندستان سميت پنهنجي پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پر هندستان جو رويو ته ڏسو؟ والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جو سلسلو عروج تي آهي، سامونڊي ۽ دفاعي حدن جون خلاف ورزيون سڀني جي سامهون آهن، جڏهن ته ٻي طرف پاڪستان جو رويو سدائين مصالحاڻو ۽ مدبراڻو رهيو پر دفاع اسان جو حق آهي ۽ دفاع لاءِ پوري قوم تيار آهي.
عالمي برادري ڀارت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج