??سل??م آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوفين ۽ اوليائن جي تعليم جي پيروي تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوفين ۽ اوليائين سدائين انسانيت جي ترغيب ڏني آهي ۽ انهن پنهنجي تعليم سان مسلمانن ۾ محبت، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ اتفاق ۽ اتحاد جو پرچار ڪيو. صدر اها ڳالهه حضرت عبدالقادر شا??ه جيلاني بغداد جي سجاده نشين شيخ سيد خالد عبدالقادر منصورالجيلاني سان گڏ ايندڙ وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. مذهبي معاملن وار?? وفاقي وزير پير نورالحق قادري، پاڪستان ۾ عراق جو سفير حامد عباس لفتاح ۽ سينيئر حڪومتي آفيسر پڻ موجود هئا. صدر چيو ته اسان سڀني کي اوليائن ۽ صوفين جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي، اوليائن ۽ صوفين انسانيت، مسلمانن ۾ محبت، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ اتحاد کي فروغ ڏنو. صدر چيو ته صوفين ??سل??مي قدرن جي تعليم جي ذريعي معاش??ي جي اصلاح لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ??سل??م جي پيغام کي پوري دنيا خاص طور تي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پکيڙيو. صدر چيو ته حضرت عبدالقادر شا??ه جيلاني سڄي زندگي اخلاقي قدرن کي برقرار رکيو ۽ ??سل??مي تاريخ جي مشڪل وقت ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ معاش??ي جي اصلاح ڪئي. صدر چيو ته حڪومت ۽ مختلف مڪتبه فڪر جا اڳواڻ ملڪ ۾ مذهبي ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. ??سل??مو فوبيا جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ??سل??مو فوبيا جي چئلينج تي موثر طريقي سان ضابطو آڻڻ جي لاءِ مسل??ان ملڪن جي وچ ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر سجاده نشين حضرت عبدالقادر شا??ه جيلاني پاران ڪيل فلاحي ڪمن کي ساراهيو. بعد ۾ صدر وفد جي ??ان ۾ آجياڻي جي ميزباني پڻ ڪئي. شيخ سيد خالد عبدالقادر منصورالجيلاني ميزباني ۽ شا??دار استقبال تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن صدر کي بغداد جي دو??ي جي دعوت پڻ ڏني.
صوفين ۽ اوليائين سدائين انسانيت جي ترغيب ڏني آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی