اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل ??لرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي مولانا فضل ??لرحمان جي شاندار آجيان ڪئي. مولانا فضل ??لرحمان شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي قيادت ۾ گڏيل دانش ۽ ڪوشش ملڪ ۽ قوم کي مشڪل مان ڪڍيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل ??لرحمان کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل ??لرحمان وزيراعظم شهباز شريف جي عوامي خدمت ۽ مسئلن جي حل جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته توهان ايندي ئي قوم کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته ان جو خادم ڪيئن ڪم ڪندو آهي. هن وزيراعظم کي يقي??ي ڏياريو ته ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون ۽ مدد توهان سان گڏ آهي ۽ رهندي. ٻنهي اڳواڻن اهم سياسي معاملن ۽ ڪابينا جي جوڙجڪ بابت معاملن تي مشاورت پڻ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف سان مولانا فضل الرحمان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک