اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ بابت سوالن جا جواب ڏي، ان کان جيڪو سوال پڇي ان کي گاريون ۽ ڌمڪي ڏني ويندي آهي، عمران خان چاهي ٿو ته سڀ سندس ڪوڙ جي بيعت ڪري وٺن، ڪرپ??ن جو حساب نه وٺن، هو مرضي جا سوال ۽ پنهنجي مرضي جا جواب، مرضي جو ميچ، مرضي جو ايمپائر ۽ رانديگر چاهي ٿو جتي ان جي مرضي سان آئوٽ ۽ ناٽ آئوٽ ڏنو وڃي. اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته عمران خان مرضي جو جج، مرضي جو وڪيل ۽ مرضي جو فيصلو چاهي ٿو، هو آئين کي نٿو مڃي نه ئي قا??ون کي، هو پنهنجو پاڻ کي ئي آئين ۽ قا??ون سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خان پاڻ کي ئي عدالت، جج ۽ پوليس سمجهي ٿو، عدالت سوال پڇي ته ان جي توهين ڪرڻ، الزام لڳائڻ ۽ پوءِ سازش جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪمي??ن جي سوالن کان هي اٺ سالن تائين ڀڄندو رهيو ۽ هن الزام لڳائڻ ۽ گهيراءُ جون ڌمڪيون ڏنو، هن چيو ته ميڊيا جي سوال پڇڻ تي چينل، پروگرام ۽ ڪالم بند ڪيا ويندا رهيا، ڪيس ۽ ڪارا قا??ون ٺاهيا ويا، صحافين کي جيلن ۾ وڌ?? ويو، انهن جو پاسراٽيون ٽوڙيون ويون، جيڪڏهن سياسي ??خالف سوال پڇن ته کين موت جي سزا جي چڪين ۾ وجهڻ ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪي?? ويو، هن چيو ته چئن سالن تائين هر ڪوشش جي باوجود هي ڪنهن هڪ سياسي ??خالف جي خلاف هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيو پر ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته اهڙي ماڻهو کي ذهني مريض چوندا آهن جنهن جي جاءِ پاگل خانو هوندو آهي.
عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ بابت سوالن جا جواب ڏي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات