لاهور – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو آهي ته سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جي تعمير ۾ معاونت ڪندڙن دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي ڪمائي، اسپتال جي تعمير انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي. هو لاهور ۾ ڪينال روڊ تي سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي خواجه عمران نذير، چيئرمين س??يم ميموريل ٽرسٽ اسپتال شهزاد سليم، ناليوارو صنعتڪار ??يا?? منشا، ڪمشنر لاهور ڊويزن ڪيپٽن (ر) محمد عثمان يونس سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان س??يت چئني صوبن مان هزارين ماڻهو ايندڙ ڏينهن ۾ ان اسپتال مان فائدو کڻندا، جديد اوزارن سان ليس ان اسپتال ۾ مستحق مريضن جو علاج مفت ۾ ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت ۾ عوامي ڀلائي جا منصوبا دير جو شڪار ٿيا، اسان کي ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي قوم جي بهتري لاءِ سوچڻو پوندو، ملڪي وسيلن کي ذاتي پسند ۽ ناپسند جي ور نه ٿو چاڙهي سگهجي، ورڇ جوڳي اوڳاڙين ۽ ٻاهرئين قرضن جي ادائيگي کانپوءِ وفاقي حڪومت وٽ محدود وسيلا رهجي وڃن ٿا، 20 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ٽرانس پلانٽ انسٽيٽيوٽ کي تعطل ۾ وڌو ويو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ انهن جي حڪومت 1122 منصوبي کي اختيار ڪيو، اسان جو فوڪس عوام جي ترقي ۽ خوشحالي هجڻ گهرجي. وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو ته چئني صوبن ۾ اهڙين س??ولتن سان ليس اسپتالون تعم??ر ڪيون وڃن، ??يا?? محمد منشا هڪ ناليوارو صنعتڪار آهي، سندس وڏو احترام آهي. وزيراعظم چيو ته ٽرسٽ جي چيئرمين س??يم شهزاد جي والد مرحوم پڻ اسڪول ۽ ه??لٿ يونٽ ٺاهيا، ڏکويل انسانيت ۽ مريضن جي لاءِ صحت جون بهترين س??ولتون فراهم ڪري اهي ماڻهو جنت ۾ گهر ٺاهي رهيا آهن، جيڪو صدقه جاريه به آهي. وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو ته اربين رپيا خرچ ڪري پي ڪي ايل آئي اسپتال جي تعم??ر ڪئي وئي ۽ اسپتال ۾ ورلڊ ڪلاس مشينري فراهم ڪئي وئي، هتي پنجاب سميت سڄي ملڪ مان هزارين مريضن جو علاج مهيا ڪيو پئي ويو جيڪو سياست جي ور چڙهي ويو، حڪومت تبديل ٿيڻ کانپوءِ اها هڪ دردناڪ ڪهاڻي آهي، ڊاڪٽر سعيد اختر هڪ فرشته صفت انسان آهي، هتي ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي ڀڄايو ويو جنهن سان لکين مريضن جو نقصان ٿيو. وزيراعظم ??هب??ز شريف ان موقعي تي چيو ته ناليواري صنعتڪار ??يا?? منشا جو پاڪستان جي ترقي ۾ اهم رول آهي، هن پاڪستان ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي، هو ان کي تجويز ڏي ٿو ته اهڙي قسم جون 4 اسپتالون پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به ٺاهي جنهن تي ??يا?? منشا وڌيڪ اسپتالون ٺاهڻ جي حامي ڀري. ان کان اڳ وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جو افتتاح ڪيو ۽ اسپتال ۾ دل جي مرض، گڙدن، ڪينسر سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سان س??يم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جي چيئرمين شهزاد سليم اسپتال جي ڊاڪٽرن، عملي ۽ مهمانن جو تعارف ڪرايو. سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال ڇهه منزلا عمارت جديد مشينري سان ليس 350 بسترن تي ٻڌل اسپتال تي ساڍا چار ارب رپيا لاڳت آئي آهي.
سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جي تعمير ۾ معاونت ڪندڙن دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي ڪمائي، اسپتال جي تعمير انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ