ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر مير سليم کوسا چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور تي ڀارتي فوج جي گهيري ۾ آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو سلسلو جاري ??هي. مودي سرڪار 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت تبديل ڪري معصوم ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏاهڙي جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي اسيمبلي ميمبر مير سليم کوسا چيو ته تڪراري علائقي جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪرڻ، گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ??هي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي هٿان هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري ??نه??جي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن جيڪو انساني حقن جي تنظيمن جي لاءِ پڻ سواليه نشان ??هي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري جي اخلاقي ذميواري آهي ته اها ڪشميرين جي انساني ۽ سياسي حقن جي لاءِ آواز اٿاري. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ انهن جي خودمختياري جي حق سان گڏ بيٺل ??هي. بلوچستان جي عوام ??نه??جي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ويٺل ??هي. عالمي اڳواڻن جي خاموشي ڀارت کي ڪشمير تي غيرقانوني قبضي ۽ ظلمن کي جاري رکڻ جو جواز فراهم ڪري رهي ??هي. الله تعاليٰ ڪشميري عوام کي انهن جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.
والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور تي ڀارتي فوج جي گهيري ۾ آهي: مير سليم کوسا
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo