اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدم جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهيراءُ جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي 5 آگسٽ تي استحصال ڏه??ڙو ملهائيندو. حڪومت استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليو?? ڪڍيون وينديون جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندي چيو ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلمن جي خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019ع جي ڀار?? جي غيرآئيني قدمن جي مذم?? جي لاءِ استحصال ڏه??ڙو ملهائيندا. مل?? جي سمورين سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريلين ۽ ٻين سرگرمين ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خل??ف ڀارتي رياستي دهشتگردي جي خل??ف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ بين پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪنديون. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي، ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي خاموشي جي فوري پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ٻئي طرف اس??ام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن جي اهم رستن تي ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽرز ۽ بل بورڊز هنيا ويا آهن. 5 آگسٽ 2019ع جي مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ اي 35 کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ان قانون تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.
پاڪستان 5 آگسٽ تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ استحصال جو ڏهاڙو ملهائيندو
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis