اسلام آباد – 24 – آگسٽ (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان پنهنجي م??اقات کي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان پنهنجي بهترين ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حيثيت جي اڳئين سطح تائين وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ قطر پاران 3 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪالهه اربع ڏينهن دوحه ۾ ديوانِ اميري ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ هنن پاڪستان قطر ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏ??ل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعا??ن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز