اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين نومبر کان ??ين جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطحي وفد به ساڻس گڏ هوندو. وزيراعظم کي ان دوري جي دعوت عوامي جمهوريه ??ين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ??ين جو پهريون دورو هوندو، وزيراعظم 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ ??ين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي. ??ين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم ??ين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بيان موجب وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ ??ين جي وچ ۾ قيادت جي سطح جي مٽاسٽا جي تسلسل جو اظهار آهي. وزيراعظم دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ??ه ان دوري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن / معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي ??ڏهن ته وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ تعاون جي رفتار کي مستحڪم ڪرڻ جي پڻ اميد آهي.
وزيراعظم پهرين نومبر کان چين جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطحي وفد به گڏ هوندو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار