اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت جي گهر واري بيگم ثمينه عارف علوي چيو ??هي ته ڇاتيءَ جو ڪينسر لاعلاج مرض ناهي ۽ ان جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يوينورسٽيءَ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شرح ۾ هر سال ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي رهيو ??هي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ ماڻهن ۾ ان مرض بابت آگاهي نه هئڻ آهي. هن چيو ته ??نه??جي روزمره معمول ۾ اسان ڪم سان گڏ صحت کي نظرانداز ڪريون ٿا جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ??ڀن?? لاءِ منهنجو پيغام اهو ??هي ته مهيني ۾ هڪ ڀيرو چيڪ اپ ضرور ڪرايو وڃي. هن چيو ته بيمارين بابت آگاهي ۽ بچاءَ لاءِ قومي سطح تي خاص ڪري ڏورانهن علائقن ۾ ڪميونٽي بيسڊ هيلٿ ايجوڪيشن، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڊين فيڪلٽي آف سائنس، پروفيسر ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد سيمينار ??ي صدارت ڪئي جڏهن ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي شعبي ري??يا??وجي جي سربراهه عائشه عيساڻي به سيمينار کي خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عائشه عيساڻي چيو ته دنيا ۾ عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب ڇاتي جو ڪينسر ??هي ۽ پاڪستان ۾ هر 9 عورتن مان هڪ عورت ان مرض ۾ مبتلا آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي روڪٿام لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آهن. ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد چيو ته هڪ قومي يونيورسٽي هئڻ جي ناطي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ان قومي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندي.
ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی