اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسلام آبا?? جي هائوسن?? جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير ??سحاق ڊار، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ??ينيٽر اعظم نذير ??ارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه، ڪيپيٽل ??ول??مينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪيپيٽل ڊ??ول??مينٽ اٿارٽي جي عملدارن ان حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ اهڙيون هائوسنگ سوسائٽيز ۽ رهائشي عمارتون تعمير ڪيون وڃن جيڪي جديد سهولتن سان ليس هجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن هائوسنگ يونٽس جي تعمير ?? تجربيڪار ۽ سٺي شهرت رکندڙ ما??رن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ڪيپيٽل ڊ??ول??مينٽ اٿارٽي جا اهي منصوبا جن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان صلاحيت آهي، جي مناسب مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي.
وفاقي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ