اسلام آباد -03 ج??ن (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ?? پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ ان??دولو گروپ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي قيادت ڪوڪا ڪولا جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪريم ياحي ڪري رهيو هو، وفد ۾ چيف اسٽريٽجي آفيسر ايتلايرليڪايا ۽ ٻيا ۽ اعليٰ اڳواڻ به شامل هئا. وزيراعظم ان??دولو گروپ جي پاڪستان ?? سيڙپڪاري ۽ ان سبب ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي کي ساراهيو. وزيراعظم ان??دولو گروپ کي پاڪستان ?? سيڙپڪاري وڌيڪ وڌائڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار ط??رق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا