اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي بحالي جي قومي منصوبن کي سمورين ڌرين جي حمايت حاصل آهي، روانگي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي ج?? لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، آءِ ٽي روانگي واپار کي 20 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، آءِ ٽي جي شعبي ۾ روانگي واپار جي فروغ لاءِنوجوانن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪن??اسين، سيڙپڪارن کي ون ونڊو تحت سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) سيمينار ۽ آءِ ٽي منصوبا جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جا ذهين نوجوان باهمت ۽ محنتي آهن، انهن نوجوانن فر?? لانسر، اسٽارٽ اپس سميت ٻئي ڪاروبار جي ذريعي ترقي ڪئي، اسان جي ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان جا نوجوان مختلف شعبن ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، انهن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ ۽ مهارتون آهن، اهي سهولتن جي عدم فراهمي، طريقيڪار ۾ م??ڪل??تن ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت جي ادارن جي کوٽ جي باوجود بهترين پيشيواراڻي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ دنيا جي تيزي سان ترقي ڪن??ڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ن??جوانن کي سهولتون جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ 20 ارب ڊالر روانگي واپار جي صلاحيت آهي، اسان مشڪل صورتحال جي باوجود نوجوانن جي محنت ۽ مهارت سان هر مقصد حاصل ڪن??اسين، منهنجو سيڙپڪار منهنجو ماسٽر آهي. هن چيو ته معاشي منصوبن تي عملدرآمد سان ملڪ کي خوشحال بڻائينداسين، اسان ايس آئي ايف سي جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو رخ تعين ڪري ڇڏيو آهي، ان حڪمت عملي ۾ وفاقي حڪومت ۽ سموريون صوبائي حڪومتون شامل آهن، ان منصوبي تحت زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ دفاعي پروڊڪشن جي شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏنو ويندو. هن چيو ته سيڙپڪارن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ڪنهن به صورت ۾ ان ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته نار ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، جيڪڏهن اهي هتي سيڙپڪاري ڪن??ا ته انهن کي منافعو ملندو، پاڪستان ۾ پيداوار ۾ اضافو، ن??ڪرين ۽ روانگي واپار کي فروغ ملندو، مون کي ان ماڊل تي اعتماد آهي. هن چيو ته پاڪستان جلد قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو، اڻٿڪ محنت سان ان کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، ان فريم ورڪ تحت ڪاروباري ماڻهن جي م??ڪل??تن جو ازالو ڪيو ويندو، سبز انقلاب سان ملڪ ۾ انقلاب ايندو، اسان متحد ٿي اڳتي وڌنداسين ۽ تاريخ بدلائينداسين، ن??جوانن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪن??اسين، گذريل چار سال دوران سوشل ميڊيا جي ذريعي الزام بازي ڪري وقت ضايع ڪيو ويو، اسان کي ماضي کي وساري ڪاميابي ج?? لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو ڇو ته هي اسان ج?? لاءِ سنهري موقعو آهي. سيمينار ۾ وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن، ناڻي، دفاع، دفاعي پيداوار، سيڙپڪاري بورڊ، پرڏيهي معاملن، انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن، اطلاعات ۽ نشريات وارن وزيرن جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزيرن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، فيڊرل بورڊ آف ر??ينيو جي چيئرمين، آءِ ٽي ماهرن، سينيئر آرمي ۽ سول آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ نار ملڪن، چين ۽ يورپي يونين مان سيڙپڪار ۽ پرڏيهي سفارتڪار به شريڪ ٿيا. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ کانپوءِ نيشنل آءِ ٽي سيمينار آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن ج?? لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ ڪيو پيو وڃي. اهو سيمينار سمورين ڌرين جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪن??و. مقامي ۽ غيرملڪي آءِ ٽي ڪمپنين ۽ تعليمي ادارن جي ماهرن ايس آئي ايف سي پليٽ فارم جي ذريعي ڪوششن کي گڏ ڪري آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب آڻڻ ج?? لاءِ حڪومت جي پرخلوص تعاون کي ساراهيو. شرڪت ڪن??ڙن ان اهم شعبي تي ڌيان ڏيندي قومي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ سول ۽ عسڪري ماهرن جي ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي کي متحرڪ آمدني پيدا ڪرڻ ۽ فروغ پذير صنعت ۾ تبديل ڪرڻ ج?? لاءِ حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي وڏي آءِ ٽي ڪمپنين پاران هنيل بوٿس جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان، ٽيڪ لفٽ بوٽ ڪئمپ، فرسٽ نالج پارڪ فار وومين باغ (آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ايگري ٽيڪ انڪيوبيٽر فيصل آباد ۽ سينٽر آف ايڪسيلنس ان گيمنگ اينڊ ايني ميشن جو افتتاح ڪيو.
معاشي بحالي جي قومي منصوبن کي سمورين ڌرين جي حمايت حاصل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار