اسلام آباد – 24 – جو??اء?? (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يورپي يونين جي پر??يهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پر??يهي وزير بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ غذائي ناڻي واڌ ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجز پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن تي منفي اثر ڇڏيندا، جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ جو شڪار آهن. پر??يهي آفيس جي ترجمان موجب پر??يهي وزير چيو ته هن ان موضوع تي پنهنجي يوڪرائني ۽ ترڪ هم منصبن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان قدم کي بحال ڪرڻ جي ڪوششون سمورين ڌرين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري مشغوليت جي ذريعي لاڀائتيُون ٿينديون. پر??يهي وزير يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي درخواست ڪئي ته هو اهڙو حل ڳولڻ ۾ مدد جي ??اء?? پنهنجو ڪردار اد?? ڪري جنهن سان بي ايس جي آئي جي تجديد ممڪن ٿئي ۽ ان سل??لي ۾ گڏيل ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي ??اء?? پاڪستان جي راضپي کان آگاهه ڪيو. پر??يهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ان معاملي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، بي ايس جي آئي جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث