اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪري??ري حسين ابراهيم طحه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها ٽيليفون ڪال سوئيڊن ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مسلسل واقعن جي پس منظر ۾ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير توهين آميز ڪاررواين جي مذمت ڪئي جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. هن او آءِ سي جي جنرل سيڪري??ري کي 6 جولاءِ 2023ع تي پاڪستان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ منظور ??يل قرارداد ۽ 7 جولاءِ 2023ع تي سڄي پاڪستان ۾ تقدس قرآن ڏهاڙي ملهائڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪو تحفظ قرآن جي لاءِ پاڪستان جي عوام جي امنگن جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته او آءِ سي جنرل سيڪري??ري جي سرپرستي ۾ ان قابل مذمت ڪاررواين فوري جواب ڏئي رهي آهي. هن 2 جولاءِ 2023ع تي جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس ۽ اجلاس کانپوءِ جامع پڌرنامو جاري ڪرڻ تي او آءِ سي کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ان معاملي تي هنگامي وزارتي اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ جنرل سيڪري??ري کي ان سلسلي ?? ايران، ??عودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي بابت آگاهه ڪيو. او آءِ سي جي جنرل سيڪري??ري اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ روڪڻ جي لاءِ پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيندي گڏيل قومن ۾ان سلسلي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير جنرل سيڪري??ري کي يقين ڏياريو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي قابل مذمت لهر کي روڪڻ جي لاءِ او آءِ سي جي سمورن قدمن ۾ فعال طور تي حصو وٺڻ جي لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز