اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي)قومي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪري رهيو آهي جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن، اسان دنيا کي ??ابت ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان ليڊ ڪري سگهي ٿو، سمٽ سان غريب ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع مڪينزم جوڙيو ويندو، پاڪستان صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار طرف وڌي رهيو آهي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صحت جي نظام کي مضبوط رکڻ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪري رهيو آهي جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن، نگران وزيراعظم 10 جنوري تي سمٽ جو باقاعده آغ??ز ڪندو. عالمي ڪانفرنس ۾ سڄي دني?? جي صحت جي شعبي جا ماهر شرڪت ڪندا. سڄي دنيا مان صحت وارا وزير، ڊونرز ۽ سفارتڪارن جي شرڪت اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته اسان دنيا کي ??ابت ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان ليڊ ڪري سگهي ٿو، گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪرڻ جي ذريعي دني?? جي مفاد جو بنياد رکي ??هيا آهيون، صحت جي شعبي کي ??جاگر ڪرڻ لاءِ گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪئي پئي وڃي، سمٽ جو بنيادي مقصد وبائن ۽ قدرتي آفتن کان صحت کي محفوظ بڻائڻ آهي، دنيا ۾ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ متفقه لائحه عمل طئي ڪيو ويندو. ڊاڪٽر نديم جان چيو ته ڪانفرنس ۾ ويڪسين ۽ امداد جي برابر ورهاست لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي، سمٽ ۾ صحت کي ??رپيش خطرن ۽ محفوظ دنيا لاءِ پلان جوڙيو ويندو، گلوبل هيلٿ سمٽ پاڪستان جي صحت جي شعبي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي، پاڪستان صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار طرف وڌي رهيو آهي، هن چيو ته ڪنهن وب?? جي صورت ۾ پاڪستان جو ڳاڻيٽو خطرناڪ ملڪن ۾ نه ڪيو ويندو، عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان پاڪستان جو آواز دنيا ۾ ٻڌو ويندو. هن چيو ته انشاءُ الله اسان جي منزل سبز پاسپورٽ جي عزت بحال ڪرائڻ آهي، ڪنهن به وبا يا بيماري کي ??وڪڻ لاءِ ويڪسين سڀني کان اهم ضرورت هوندي آهي. ڪورون?? جي علامي وب?? جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ صحت جو نظام شديد متاثر ٿيو، مالي ۽ جاني نقصان ٿيو ڇاڪاڻ ته وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. هن چيو ته ان تجربي کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا سان گڏجي جامع حڪمت عملي ۽ منصوبابندي تحت سڄي دني?? جي صحت جي نظام کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. غريب ملڪ جيڪي وبا کي منهن ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن، امير ملڪن جو ان ۾ ڪهڙو ڪردار هوندو، ان تي بحث ٿيندو ۽ هڪ لائحه عمل جوڙيو ويندو. پاڪستان کي ??حت جي نظام جي مضبوطي لاءِ ڊونرز جي پويان ڀڄڻو نه پوندو، سمٽ سان انٽرنيشنل ڊونرز جو پاڪستان تي اعتماد وڌندو، پاڪستني قوم ۾ وڏي صلاحيت آهي، هڪ سياسي پختي عزم ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آهي، هن چيو ته محدود وسيلن باوجود پاڪستان ڪورون?? جي وبا جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو ۽ بهترين جامع حڪمت عملي سبب ش??ندار ڪاميابيون حاصل ڪيون جنهن تي دنيا به اسان جي ڪاميابين کي مڃي ٿي.
پاڪستان پهريون ملڪ آهي جيڪو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد پيو ڪري، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صحت جي نظام کي مضبوط رکڻ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي:نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا