اسلام آباد-21 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي ??ربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نيو??يڪ جي دائره ڪار کي صوبن تائين وڌايو وڃي، ان جي دائره ڪار ۾ يونيورسٽين کي به شامل ڪرڻ داشمندي هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيو??يڪ جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيو??يڪ جي چيئرپرسن گل مينه بلال احمد کان علاوه تعليم واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته بحيثيت وزير طور سندس نيو??يڪ جو ٻيو اجلاس هو. هن ڪميٽيءَ جي اهميت تي روشني وڌ?? ۽ ??يندڙ حڪومت تي زور ڀريو ته اها به ان کي اهميت ڏي. هن چيو ته گذريل اجلاس ۾ هن عورتن جي ڪوٽا ۾ واڌ ڪئي جنهن تي عملدرآمد ڪيو ويو آه?? ۽ ??ڄ هن چيئرپرسن کي هدايت ڪئي آهي ته نيو??يڪ جي سمورن پروگرامن ۾ معذور ۽ کدڙن فقيرن جي ڪوٽا به وڌائي وڃي. هن چيو ته نيو??يڪ جي دائره ڪار کي صوبن تائين وڌايو وڃي، نيو??يڪ جي دائره ڪار ۾ يونيورسٽين کي به شامل ڪرڻ دانشمندي آهي. مدد علي سنڌي سيڪريٽري تعليم پنجاب ۽ سنڌ جي غير حاضريءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
نيو ٽيڪ جي دائره ڪار ۾ يونيورسٽين کي شامل ڪرڻ دانشمندي هوندي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک