اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف جيولن ٿرو اي??ليٽ ارشد نديم جي لاءِ 25 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪندي عالمي سطح تي سندس بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان جيولن ٿرو اي??ليٽ ارشد نديم ملاقات ڪئي. و??ير??عظم ورلڊ اي??ليٽڪس چيمپئن شپ 2023ع ۾ چاندي جو تمغو کٽڻ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ تي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي ان جي مستقبل ۾ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئي. جيولن ٿرو اي??ليٽ ارشد نديم کي خصوصي طور تي و??ير??عظم هائوس ۾ گهرايو ويو. و??ير??عظم شهباز شريف ارشد نديم جي خيريت معلوم ڪئي ۽ ارشد نديم کي پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم چيو ته توهان جي ڪاميابي جي لاءِ پوري قوم جون دعائون توهان سان گڏ آهن، اسان کي توهان تي فخر آهي، توهان کي وڌيڪ اڳتي وڌڻو آهي، توهان جي ڪاميابين ۾ توهان جي ذاتي محنت، والدين جون دعائون ۽ ٽرينرز جو پڻ ڪردار آهي. ارشد نديم و??ير??عظم جو عهدو سنڀالڻ تي و??ير??عظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. ارشد نديم و??ير??عظم کي پ??هن??ي اسپورٽس ڪيريئر جي حوالي کان آگاهه ڪيو. ارشد نديم و??ير??عظم کي ٻڌايو ته هن راندين جي شروعات 2012ع کان ڪئي ۽ يوٿ فيسٽيول ۾ پهريون ڀيرو مختلف اي??نٽس ۾ حصو ورتو، ٻئي يوٿ فيسٽيول ۾ ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آئي، 2015ع ۾ واپڊا جي ٽيم ۾ شامل ٿيس جنهن کانپوءِ قومي سطح تي کيڏڻ جو موقعو مليو، اهڙي طرح يوٿ فيسٽولز منعقد ٿيڻ گهرجن ته جيئنر اندين کي فروغ ملي. ارشد نديم چيو ته اسڪول جي سطح تي هن راندين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو پر هاڻي ته اسڪولز ۾ راندين جو سلسلو نه ٿي رهيو آهي، اهو سلسلو هاڻي بحال ٿيڻ گهرجي، ڏکڻ آفريقا تربيت جي لاءِ سڃاتو وڃي ٿو، جيڪڏهن ان جي ويزا جلد ملي وڃي ته ان جي لاءِ آساني ٿي ويندي. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته ارشد نديم جي ويزا جلد جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ارشد نديم و??ير??عظم کي ٻڌايو ته اولمپڪس کان اڳ هڪ ٻن اي??نٽس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندس، اي??ليٽڪس چيمپئن شپ دوران شاندار ٿرو سان پيرس اولمپڪس جي لاءِ ڪواليفائي ڪيو، پ??هن??ي ملڪ جي لاءِ هر اي??نٽ ۾ وڃڻ جي لاءِ تيار آهيان. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ و??ير??عظم کي ٻڌايو ته اولمپڪس ۾ ارشد نديم جو اي??نٽ رات جي وقت هو ۽ پوري قوم سندس اي??نٽ ڏٺو ۽ پوري قوم ان جي لاءِ دعا ڪري رهي هئي. و??ير??عظم سان ملاقات کانپوءِ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي جيولن ٿرو اي??ليٽ ارشد نديم و??ير??عظم هائوس گهرائڻ تي و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته و??ير??عظم سان تمام سٺي ملاقات ڪئي. و??ير??عظم کي راندين جي فروغ جي لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون، اميد آهي ته انهن تي عملدرآمد ڪيو ويندو، رانديگرن جي لاءِ ڪئمپس منعقد ٿيڻ گهرجن، راندين جي لاءِ ميدان به ضروري آهن، پاڪستان ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ آهي، و??ير??عظم راندين جي فروغ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي، ان سان پاڪستان ۾ راندين کي فروغ ملندو. هن چيو ته و??ير??عظم م??هن??ي ڳوٺ ۾ گرائونڊ جي تعمير جي پڻ خاطري ڪرائي آهي، راندين جي فروغ سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو.
وزيراعظم پاران جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم جي لاءِ 25 لک رپين جي انعام جو اعلان
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ