اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) صدر آص?? علي زرداري سنگاپور جي ڪاروباري ادارن سان ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري رابطن جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پراسيسڊ خو??اڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اه??ن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته سنگاپور جي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سنگاپور ۾ پاڪستاني خو??اڪ ۽ زرعي مصنوعات جي برآمدات جا موقعا ڳولڻ گهرجن. پاڪستان پراسيسڊ خو??اڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. آص?? علي زرداري چيو ته پاڪستاني افرادي قوت س??گاپور موڪلڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آص?? علي زرداري رابعه شفيق کي بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خوا??شن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پهچ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا