ڪراچي ??? 12 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي جو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، صدر آصف علي زرداري دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي تي ايراني قيادت ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوا?? صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر غزه ۾ انساني بحران ۽ اسرائيلي فوج پاران نسل ڪشيءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپ?? جي سمورن شعبن ۾ ايران سان گڏ ڪم جاري رکندو. صدر ٻنهي ملڪن کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري ايراني صدر کي ٻيهر پاڪستان جي دور?? جي دعوت پڻ ڏني. هن ايراني صدر ۽ سندس گهرڀاتين جي صحت، تندرستي ۽ خوشين جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
صدر آصف علي زرداري ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي جو ٽيليفونڪ رابطو، عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا