لاهور – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن، حڪومت جو پورو ڌيان پاڪستان?? شاگردن تي آهي، بشڪيڪ مان واپس ايندڙ شاگردن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، الله جو شڪر آهي ته بشڪيڪ واقعي ۾ ڪو پاڪستان?? شاگرد فوت نه ٿيو. اها ڳالهه هن علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي بشڪيڪ مان خصوصي اڏام ذريعي پاڪستان ايندڙ 170 پاڪستان?? شاگردن جي استقبال جي موقعي صحافين سان ڳاهلائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪرغزستان جي مقامي ايئرلائين ايرو نوميڊ جي چوٿين اڏام اڄ پاڪستان پهتي آهي جنهن ۾ 170 پاڪستان?? شاگرد وطن واپس آيا. مجموعي طور تي 540 شاگرد پاڪستان واپس پهچي چڪا آهن. هن چيو ته بشڪيڪ ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي رهي، اسان ج?? شاگردن ۾ خوف ۽ هراس ڦهليل رهيو، وزيراعظم هر لمحو پاڪستاني سفير سان رابطي ۾ رهيو، هن شاگردن جي پريشاني تي فوري ايڪشن ورتو. هن چيو ته پاڪستان?? شاگردن جي سهولت لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته شاگردن جي تحفظ ۽ انهن جي تعليم جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، حڪومت جو پورو ڌيان پاڪستان?? شاگردن تي آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته شاگردن کي حالتون بهتر ٿيڻ تي واپس موڪليو وڃي ته جيئن اهي پنهنجون ڊگريون مڪمل ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي پاڪستان واپس ايندڙ شاگردن جي استقبال لاءِ وزير ايئرپورٽس تي موجود آهن ته جيئن شاگردن کي اهو احساس نه ٿئي ته اهي اڪيلا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته شاگرد اسان جو مستقبل آهن، انهن کي ڪا مشڪل نه ٿئي، حڪومت انهن جا معاملا پاڻ ڏسي رهي آهي، اسان جي اولين ڪوشش هوندي ته پاڪستان?? شاگردن جا مسئلا حل ڪيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الله جو شڪر آهي ته پاڪستان جي حوالي سان ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو، اسان کي ان واقعي تي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته هڪ اسپيشل فلائيٽ زخم?? شاگردن کي کڻي پاڪستان اچ?? رهي آهي، ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير ايئرپورٽ تي پاڪستان پهچندڙ شاگردن جو استقبال ڪيو ۽ انهن کي گل پيش ڪيا. ان موقعي ت?? شاگردن ۽ انهن جي خاندانن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير يقين ڏياريو ته شاگردن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.
نوجوان اسان جو مستقبل آهن، حڪومت جو پورو ڌيان پاڪستاني شاگردن تي آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن