اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهارو بڻائڻ سميت پنجن بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکيو ويو آ??ي، هن وقت جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي 10 سيڪڙو شرح جٽادار ناهي. پوسٽ بجيٽ پ??يس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آ??ي، ملڪ ۾ هن وقت جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 10 سيڪڙو جي ويجهو آهي جيڪا پائيدار نا??ي، ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 13 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين. غير دستاويزي معيشت جو خاتمو به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آ??ي، ان مقصد لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل اڳتي وڌايو پيو وڃي، ان ??ان ٽيڪس جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ٿيندو پر شفافيت پڻ ايندي. ناڻي واري وزير چيو ته وڌيڪ آمدني وارن تي وڌيڪ ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن تي گهٽ ٽيڪس لڳايو ويو آ??ي، نان فائلرز لاءِ ڪاروباري ٽ??انزيڪشن تي ٽيڪس جي شرح ۾ نمايان ??ضافو ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي ان ??رح کي 45 سيڪڙو تائين وڌايو ويو آ??ي، اسان کي نان فائلرز جي سبب کي هن ملڪ مان ??تم ڪرڻو پوندو، بجيٽ ۾ گهٽ آمدني وارن طبقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هي اهي پنج بنيادي اصول آهن جن جي بنياد تي بجيٽ ??رتيب ڏنو ويو آهي.
وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهارو بڻائڻ سميت پنجن بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي 10 سيڪڙو شرح جٽادار ناهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores