اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ??ندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفير يرزان ڪستافين مل??قات ڪئي. وزيراعظم قزاخستان جي صدر قاسم زومارت توڪايف جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ??يو ۽ پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ??يو. هن چيو ته هو 3 کان 4 جولاءِ 2024ع تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي لاءِ پنهنجي ايندڙ دوري دوران صدر توڪايف سان مل??قات جو منتظر آهي. پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳ??پن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. وزيراعظم علائقائي رابطن ۽ علائقائي سلامتي ۾ تعاون جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. قزاخستان جي سفير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قزاخستان جي صدر جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ وزيراعظم کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳ??پن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف سرگرمين ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج