اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وف??قي وزير وف??قي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان اسان جو بزرگ ۽ قابل احترام سياستدان آهي، س??است ۾ سمورن مسئلن جو حل صرف ڳالهين ۾ آهي، موجوده صورتحال ۾ بيان بازي بدران پارليامينٽ ۾ سياست ٿيڻ گهرجي. جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ پنهنجي بيان ۾ سڌ سماءَ واري وف??قي وزير چيو ته حڪومت جي بهتر معاشي حڪمت عملي سان ملڪي اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخي بلندي تي آهي، جڏهن ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي، واپاري خس??رو گهٽ هجڻ سان گڏ روپئي جو قدر مستحڪم هجڻ پڻ سٺو سنئوڻ آهي. وف??قي وزير چيو ته ايندڙ عام چونڊو?? 2029ع ۾ مقرر وقت تي ٿينديون. هن چيو ته بزرگ سياستدان هجڻ جي ناطي مولانا صاحب کي حڪومت جي معاشي بهتري جي قدمن کي ساراهڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔