آستانه – 04 جولاءِ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي ??و) جي ڪائونسل آف هيڊس آف اسٽيٽ (ايس سي ??و) جي 24هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قزاقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ موجود عالمي اڳواڻن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اجلاس جي موقعي تي ??زي??اعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ڪرغزستان جي صدر صدير جاپاروف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان به ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي ج?? ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??زي??اعظم شهباز شريف ٻين اڳواڻن سان گڏ اجلاس جي پڄاڻي تي گهڻ طرفي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط ڪرڻ، پائيدار امن ۽ خوشحالي طرف جدوجهد جي عنوان سان جاري ٿيندڙ پڌرنامي تي صحيحُون ڪرڻ لاءِ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان، چين، روس، تاجڪستان، ترڪي، ازبڪستان، بيلاروس، ايران، ڪرغزستان، ڀارت ۽ ٻين مُلڪن ??ي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.