راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) چين ج?? سينٽرل ملٽري ڪميشن (سي ايم سي) جي نائب چيئرمين ج??رل زانگ يوشيا اعليٰ سطحي وفد سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪيو. معزز مهمان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ وفدن ج?? سطح تي خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي.آءِ ايس پي آر موجب انهن ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال، خطي ۾ استحڪام جي قدمن ۽ ٻطرف?? دفاعي تع??ون کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪستان ۽ چين ج?? پائيدار دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ تعاون ج?? بنياد تي قائم آهن. هن ان تاريخي حصيداري کي وقت جي هر امتحان ۾ ثابت قدم قرار ڏنو ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري جي اميد ظاهر ڪئي. آرمي چيف چين ج?? قيادت جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته عالمي ۽ علائقائي حالتن ج?? تبديلي با??جود پاڪستان سان مضبوطي سان بيٺل آهي. جنرل زانگ يوشيا پاڪستان سان پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري لاءِ پاڪستان ج?? مستقل وابستگي کي ساراهيو. هن دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ ان پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. ا?? کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي جنرل زانگ يو شيا شهيدن ج?? يادگار تي گل رکيا ۽ پاڪستان ج?? شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪي??. ا?? موقعي تي کيس پاڪستان آرمي جي هڪ چست جٿي طرفان گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.
چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي نائب چيئرمين جنرل زانگ يوشيا پاران جي ايڇ ڪيو جو دورو، آرمي چيف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی