اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ هم آهنگي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان عراق ۾ پاڪستان جي سفير محمد ذيشان احمد ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب عراق ويندڙ زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف قدمن تي خيالن جي ??ٽاسٽا ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته زائرين مئنجمينٽ پاليسي وفاقي ڪابينه اپريل 2021ع ۾ منظور ڪ??ي هئي، پاليسي??َ جو بنيادي مقصد پاڪستاني زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ٻنهي ملڪن جي ??ذهبي معاملن واري وزارت وچ ۾ ايم او يو جو ڊرافٽ پرڏيهي وزارت ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير زائرين کي سهولت جي ??راهمي??َ جي حوالي سان جلد کان جلد عراقي حڪومت سان ايم او يوز صحيح ڪرڻ جي ??دايت ڪئي، ايم او يو تحت پاڪستاني زائرين کي عراق ۾ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. وفاقي وزير ڪ??بلا ۾ پاڪستان هائوس ۽ وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ جي ??يام کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ??دايت ڪندي چيو ته حڪومت زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستاني سفير عراق ۾ پاڪستاني ويلفيئر اتاشين جو انگ وڌائڻ جي تجويز ڏني.
وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان عراق ۾ پاڪستاني سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری