اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دؤر ڪالهه مڪمل ٿي ويو، جنهن کان پوءِ گڏيل پڌرائ??ءَ جاري ڪئي وئي. حڪومتي اتحاد ڪميٽ??ءَ جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي گڏيل پڌرائ??ءَ پڙهي ٻُڌائي جنهن ۾ ٻُڌايو ويو ته ڳالهين واري ٽيمن وچ ۾ ٻئي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، سلمان اڪرم راجا، اسد قيصر، راجا ناصر عباس، صاحبزاده حامد رضا، جڏهن ته حڪومتي اتحاد پاران نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، سينيٽر عرفان صديقي، اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سيد نويد قمر، ڊاڪٽر فاروق ستار، اعجاز الحق، خالد حسين مگسي، وفاقي وزير عبدالعليم خان شريڪ ٿيا. پي ٽي آءِ ڪميٽ??ءَ جي سربراهه عمر ايوب خان ۽ ٻين ميمبرن تفصيل سان پنهنجو مؤقف پيش ڪيو. هن پي ٽي آءِ جي باني سميت پارٽ??ءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزاد??ءَ جو مطالبو ڪيو. هنن اهو به چيو ته حڪومت کي ضمانتون حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون نه وِجهڻ گهرجن. هن 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جوڊيشل ڪميٽي بنائڻ جو مطالبو ??يو ته جيئن حقيقتون پور??ءَ طرح آڏو اچي سگهن. پي ٽي آءِ ڪميٽ??ءَ آگاهه ??يو ته لکت ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪرڻ لاءِ اسان کي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات، صلاح مشوري ۽ ره??ما??ي حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ??يو وڃي. هنن چيو ته عمران خان ڳالهين وارو عمل شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي تنهنڪري ان کي هاڪاري طريقي سان جاري رکڻ لاءِ سندس هدايتون تمام ضروري آهن. پي ٽي آءِ ڪميٽي پاران عمران خان سان صلاح مشوري ۽ ره??ما????ءَ کان پوءِ ايندڙ گڏجاڻي ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ باقاعده لکت جي شڪل ۾ پيش ??يو ويندو. حڪومتي اتحاد طرفان نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل ميٽنگ ۾ ڪيل فيصلن تحت اسان کي اميد آهي ته اڄ پي ٽي آءِ لکت ۾ پي ٽي آءِ ڪميٽي عمران خان کان ره??ما??ي حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو چارٽر آف ڊيمانڊ آڻيندي ته جيئن ٻئي ڪميٽيون معاملن کي سهڻي انداز سان ??ڳي??ن وڌائي سگهون. طئي ٿيو ته پي ٽي آءِ ڪميٽي جي عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ايندڙ هفتي ٻنهي ڪميٽين جي ٽين ويهڪ جي تاريخ جو تعين ??يو ويندو. جڏهن ته اُن کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چيو ته ه??ءَ ڳالهين واري ڪميٽ??ءَ جو ٻيو اجلاس آهي، پهرين ڪميٽ??ءَ ۾ اسان جا ڪجهه ساٿي موجود نه هئا، پهرين ڳالهين واري ڪميٽي تمام سٺي ماحول ۾ منعقد ٿي هئي. پهرين ڪميٽ??ءَ جي اجلاس ۾ بحث هيٺ آيل معاملن تي عملدرآمد ??يو ويو. هن چيو ته منهنجو ڪردار فقط هڪ سهولت ڪار جي آهي، اميد ڪريان ٿو ته ڳالهين واري ڪميٽي ۾ شريڪ ڌُريون ڳالهين کي هاڪاري انداز ۾ هلائينديون. منهنجي ڪوشش آهي ته ملڪ کي درپيش دهشتگردي، معيشت سميت اهم اشوز کي به ان ڪميٽ??ءَ ۾ غور هيٺ آندو وڃي، اسان سڀ پاڪستاني آهيون، پاڪستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اسان جي ذميواري آهي. اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دؤر، اميد آهي ته ڌُريون ڳالهين کي هاڪاري انداز ۾ هلائينديون: اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری