ٽوڪيو – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي ماهرن ڪارالجي ذريعي اونهي سمنڊ مان سون گڏ ??رڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. جاپاني خابرو اداري موجب جاپاني جي سامونڊي عل??ئقي سان لاڳاپيل اداري (آءِ ايڇ آءِ) جا ماهر ڪارالجي استعمال ??ري اونهي سمنڊ مان سون گڏ ??رڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. هنن ٽوڪيو کان اٽڪل چار سو ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آئوگاشيما نالي ٻرندڙ جبل واري ٻيٽ ۾ ست سو ميٽرن جي اونهائي ۾ هائيڊرو ٿرمل وينٽ مان اهو سون گڏ ڪيو آهي. وينٽ سمنڊ ج?? تهه ۾ کلندڙ هڪ جاءِ کي چئبو آهي جن??ن مان معدنيات سان ڀرپور گرم پاڻي وهندو آهي. ان وينٽ جي پاڻي جي گرمائش اٽڪل 270 ڊگري سيلسيس آهي، ماهرن ان جاءِ جي چونڊ ان ??ري ڪئي جو اڳ ۾ ڪيل تحقيق مان خبر پئي ته ان هائيڊرو ٿرمل جي آس پاس پهاڙن ۾ سون گهڻي مقدار ۾موجود آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا