گوادر – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي آخري پساهن ۾ آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ڀڄندي ڪجهه ڪارروايون ڪري پنهنجي وجود جو ت??ثر ڏئي رهيا آهن، اسان وڏو معرڪو عبور ڪري ورتو آهي. ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي افتتاح ۽ پيڙهه جو پ??ر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي و??ير??عظم محمد نواز شريف چيو ته گوادر ۾ بجلي ۽ صاف پاڻي جي منصوبن تي ڪم جاري آهي، منصوبن سان نه رڳو گوادر پر بلوچستان جي ٻين علائقن کي پڻ پاڻي ۽ بجلي ملندي، گوادر ۾ عالمي سطح تي ايئرپورٽ ٺهي رهيو آهي، گوادر پاڪستان جو سڀ کان اهم شهر بڻجڻ وڃي رهيو آهي. و??ير??عظم چيو ته چين نه رڳو پاڪستان جو دوست آهي پر گوادر منصوبي ۾ حصيدار پڻ آهي، گوادر بندرگاهه پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي لاءِ هڪ جهڙو فائديمند آهي.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا