ٽورنٽو -11 سيپٽمبر( اي پي پي )ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ خالصتان ريفنڊم ۾ سکن جي وڏي انگ شرڪت ڪ??ي جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي 20 سربراهي اجلاس دوران پنهنجي ڪينيڊين هم منصب ج??ٽن ٽروڊو کي ان جي ملڪ ۾ سکن جي سرگرمين بابت نئين دهلي جي شديد تشويش کان آگاهه ڪيو هيو . ڪشمير ميڊيا سروس موجب خالصتان جي حمايت لاءِ ووٽنگ آچر واري ڏينهن برٽش ڪولمبيا جي صوبي سري ۾ گرونانڪ گوردواري ۾ منعقد ٿي جتي ان جي اڳوڻي صدر هرديو سنگهه نجر کي جون ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو هيو گلوبل نيوز چينل رپورٽ ڪيو ته خالصتان نواز گروپ سکهه فار جسٽس ( ايس ايف جي ) ريفرنڊم جو اهتمام ڪيو هيو ريفرنڊم100،000 کان به وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي ايس ايف جي ج?? ڊائريڪٽر جتندر گريوال وينڪوور ۾ قائم نيوز چينل کي ٻڌايو ته ٽرن آئوٽ مان خبر پوي ٿي ته خالصتان جو مسئلو ماڻهن جي ڪنهن خاص گروهه جو مسئلو ناهي بلڪي هڪ سنجيده مسئلو آهي .
ڪينيڊا جي خالصتان ريفرنڊم ۾ دسيون هزار سکن جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات