واشنگٽن-30 نومبر (اي پي پي)آمريڪا جي پرڏيهي کاتي چيو آه?? ته گذريل مالي ??ال دوران آمريڪا سڄي دنيا ۾ مختلف هنرمندن، شاگردن ۽ ٻين شعبن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ويزا جاري ڪيا آه??. آمريڪي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آه?? ته آمريڪا قانوني طريقي سان ايندڙ پرڏيهي شهرين کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آه??، سڄي دنيا مان تقريبن اڌ آمريڪي سفارتخانن ۽ قونصل خانن گذريل وفاقي مالي ??ال يعني آڪٽوبر 2022ع کان سيپٽمبر 2023ع دوران رڪارڊ نان اميگرينٽ ويزا جاري ڪيا آه??. بيان موجب تازن سالن دوران پرڏيهه مان آيل ماڻهو آ??ريڪي معيشت ۾ ساليانو 239 ارب ڊالرن جو حصو وڌو جڏهن ته 9 لک 50 هزار آمريڪي شهرين لاءِ روزگار جا موقعا ٿيا. بيان موجب زراعت سميت ٻين شعبن ۾ جتي تمام گهٽ آمريڪي ورڪر دستياب آه??، آمريڪا رڪارڊ 4 لک 42 هزار پرڏيهين کي ويزا جاري ڪيا جنهن سان نه رڳو غير قانوني ذريعن سان آمريڪا اچڻ جي حوصلا شڪني ٿي پر ان سان آمريڪا ۾ ورڪرز جي دستيابي کي به يقيني بڻايو ويو.
آمريڪا هڪ سال دوران هڪ ڪروڙ نان اميگرينٽ ويزا جاري ڪيا: پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار