ميڊرڊ – 23 فيبروري (اي پي پي) اسپين جي اوڀر واري بندرگاهي شهر ويلينسيا ۾ هڪ گهڻ ماڙ رهائشي عمارت جي هڪ بلاڪ ۾ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا اجل جو شڪار جڏهن ته 14 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مط??بق ويلينسيا جي علائقي ۾ ايمرجنسي سروسز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر صحافين کي ٻڌايو ته باهه شام ساڍي پنج و??ي چوٿين ماڙ ت?? شروع ٿي ۽ تيزي سان ڦهلجي وئي. اکين ڏٺن ۽ ايمرجنسي سروسز جو چوڻ آهي ته باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ فائر فائٽرز جي 22 ٽيمون مصروف آهن. اسپين جي پبلڪ ٽيلي ويزن چيو ته 14 ماڙ عمارت ۾ 130 کان وڌيڪ فليٽ هئا جي??ي تيزي سان هڪ ڍانچي ۾ تبديل ٿي ويا.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II