واشنگٽن _ 12 جولاءِ (اي پي پي ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته غزه ۾ جنگ هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ جنگ بعد اسرائيل کي ان علائقي تي قبضو نه ڪرڻ گهرجي. هڪ خابرُو اداري مُوجب هن گذريل ڏينهن نيوز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته غزه ۾ جنگ بندي جي فريم ورڪ تي ڌرين اتفاق ڪيو هو پر معاهدو طئي ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه رڪاوٽون موجود آهن. آمريڪي صدر چيو ته ان فريم ورڪ تي هاڻي ٻئي ڌريون متفق آ??ن ان لاءِ مو?? پنهنجي ٽيم کي وچ اوڀر موڪليو آهي ته جيئن ڳالهين کي اڳتي وڌائي سگهجي. بائيڊن چيو ته اه?? مشڪل مسئلا آ??ن اڃان معاهدي تائين پهچڻ ۾ ڪجهه مشڪلاتون موجود آهن. اسان اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون ۽ مان اهو معاهدو طئي ڪرڻ ۽ ان جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيان جنهن کي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته اسرائيل کي غزه تي قبضو نه ڪرڻ گهرجي. ??ن اعتراف ڪيو ته اسرائيل طرفان ڪجهه وقت سهڪار گهٽ رهيو.
غزه جنگ کي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، اسرائيل علائقي تي قبضو نه ڪري :آمريڪي صدر
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا